اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??لا??ل ڀٽو زرداري شام ۾ فلائيٽ آپريشن جي معطلي جي ڪري ڦاٿل پاڪستانين جي فوري وطن واپسي جي هدايت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب اسرائ??لي فضائي حملن جي نتيجي ۾ دمشق ايئ??پو??ٽ کي شديد نقصان جي ڪري فلائيٽ آپريشن معطل ٿي وئي، فلائيٽ آپريشن جي ڪري زيارتن تي ويل 160 پاڪستاني شام ۾ ڦاسجي ويا، پرڏيهي وزير ??لا??ل ڀٽو زرداري شام ۾ موجود پاڪستاني س??ار??خاني کي پاڪستانين جي فوري وطن واپسي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي، پاڪستاني س??ار??خاني چيو ته شام ۾ ڦاٿل سمورن پاڪستانين سان س??ار??خاني جو رابطو قائم آهي، سمورن پاڪستانين جي وطن واپسي جا جلد انتظام مڪمل ڪيا ويندا.