اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اڱاري تي ايران ??وانو ٿي ويو آهي. کيس دوري جي دعوت ايراني هم منصب ڊاڪٽر امير عبداللهيان ڏني آ??ي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران ??اري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ايراني هم منصب سميت ٻين حڪومتي عهديدارن سان ??ه ملاقاتون ڪندو. پرڏيهي وزير پنهنجي ايراني هم منصب سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو، پرڏيهي وزير جي حيثيت سان ??يران ??ي پنهنجي پهرين دوري دوران ??لاول ڀٽو زرداري ايراني صدر سان ??ه ملاقات ڪندو، پاڪستان ۽ ايران ??ي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهين دوران ٻطرفن لاڳاپن جي سڀني رخن جو جائزو ورتو ويندو. جنهن ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا، ايران کان ??جلي جي فراهمي، سرحدي غذائي منڊين، روڊ ۽ ريل رابطا ۽ زائرين جي سهولتن جي فراهمي شامل آهن. ڳالهين ۾ علائقائي سلامتي جي صورتحال جو جائزو به ورتو ويندو. خاص طور تي افغان ??ميت ڏکڻ ايشيا جي مجموعي صورتحال سان گڏوگڏ سلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ تي ڌيان ڏنو ويندو، پرڏيهي وزير سڀاڻي اربع ڏينهن مشهد جو دورو ڪندو، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو ايران ??و دورو ٻن ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي گڏيل مٽاسٽا جو حصو آ??ي، اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪستان ۽ ايران گڏيل جاگرافيائي، ثقافتي وابستگين ۽ تاريخي رابطن جي بنياد تي ويجهي عوامي لاڳاپن سان ??ڙيل آهن.