اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي عوام کي کاڄرو تيل جي فراهمي لاءِ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي، انڊون??شي?? پاڪستان کي پام آئل فوري فراهم ڪندو، 30 هزار ميٽرڪ ٽن کاڄرو تيل سان ڀريل پهريون بحري جهاز اڄ اڱاري ڏينهن پاڪستان روانو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم شهباز شريف جي 10 جون تي انڊون??شي?? جي صدر جو ڪو ويد ودو سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو?? وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي پاڪستاني وفد انڊون??شي?? جو دورو ڪيو ۽ انڊون??شي?? جي واپار واري وزارت سان ڳالهيون ڪامياب ٿيون، کاڄرو تيل سان ڀريل 10 بحري جهاز ايندڙ ٻن هفتن ۾ انڊن??شي?? ۽ ملائ??شي?? کان پاڪستان پهچندا، انڊون??شي?? کان ڪل اڍائي لک ميٽرڪ ٽن کاڄرو تيل پاڪستان کي فراهم ڪيو پيو وڃي?? وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي صنعت ۽ پيداوار واري وزير سيد مرتضيٰ محمود انڊن??شي?? جي هم منصب سان معاملا طئي ڪيا، پاڪستاني وفد جي درخواست تي انڊون??شي?? جي واپار واري وزارت سڀني لاڳاپيل معاملن کي تيزي سان اڪلايو، 30 هزار ميٽرڪ ٽن کاڄرو تيل سان ڀريل پهريون بحري جهاز اڄ اڱاري تي پاڪستان روانو ٿيندو. انڊون??شي?? جو دورو ڪندڙ وفد ۾ پاڪستان بناسپتي مينوفيڪچرز ايسوسيئيشن جو چيئرمين طارق الله صوفي ۽ تنظيم جو ميمبر رشيد جان محمد به شامل هئا.