پشاور – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ سٽيل ريليف ڪئمپ جو دورو ڪيو جتي هو ٻارن سميت ٻوڏ متاثرين سان مليو ۽ انهن کي حڪومت پاران هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. ٻوڏ متاثرين سان ڳالهائيندي وزيراعظم نوشهره ضلعي جي ٻوڏ متاثر ماڻهن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ يقين ڏياريو ته حڪومت انهن جي بحالي ۽ آبادڪاري جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي. شهباز شريف چيو ته حڪومت آخري ٻوڏ متاثر جي بحالي ۽ آبادڪاري تائين پنهنجون ڪوششون جاري رکندي. هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون پاڪ فوج، اين ڊي ا??م اي ۽ ٻيا قومي ت??مي??اتي ادارا ٻوڏ متاثرين تائين پهچڻ ۽ انهن کي هنگامي بنيادن تي ضروري ا??داد فراهم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل تعاون سان ڪم ڪري رهيا آهن، ٻوڏ سبب تباهه ٿيندڙ رستن جي نئين سر ت??مي?? ڪئي ويندي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ملڪ ٻوڏ جي موجوده صورتحال مان ڪاميابي سان نڪري ا??ندو ۽ متاثرين پنهنجي معمول واري زندگي طرف واپس ويندا. وزيراعظم ڪئمپ جي ا??در ٻوڏ متاثرين جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن کي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. شهباز شريف متاثرين کي چيو ته هو پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ مستقبل جي آفتن کان اسان جي عوام جي حفاظت جي لاءِ دعا ڪن. ان موقعي تي وزيراعظم ٻارن سان پيار جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي، وزيراعظم جو صلاحڪار انجنيئر امير مق??م ۽ ايم پي ا?? اختيار اردلي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.