اسلام آباد – 21 – سيپٽ??بر (اي پي پي) روس ما?? امدادي سامان جي پهرين اڏام پاڪستان پهچي وئي. ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي سامان کڻي اڏام ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لٿي. ڄاڻايل امدادي سامان ۾ کاڌي پيتي جون شيون، خيما ۽ پاڻي جي صفائي اوزار شامل آهن. پرڏيهي آفيس موجب امدادي سامان ڪراچي ۾ روسي قونصل جنرل فيڊروف اينڊري، وڏي وزير جي ريليف ۽ بحالي واري صلاحڪار رسول بخش چانڊيو، اين ڊي ايم اي ۽ پرڏيهي وزارت جي نمائندن وصول ڪيو. پاڪستان روس پاران امداد جي آجيان ڪئ?? آهي.