اسلام آباد -21 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي، ملڪ جو هڪ ڀاڱي ٽي حصو ٻوڏ ۾ ٻڏل آهي، پرڏيهه م??ڪن مان امداد اچي رهي آهي، سڀ پاڪستاني به اڳتي وڌي ٻوڏ متاثرن جي مدد ۾ حصو وٺن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايڇ اي سي ۾ منعقد پيس جي تقريب کي خطا?? ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اڄ پاڻ ۾ اتحاد جي سخت ضروت آهي، هر شخص جي راءِ مختلف ٿي سگهي ٿي، اسان کي ڪنهن جي نيت يا حب الوطني تي شڪ نه ڪرڻ گهرجي، اسان کي هڪ قوم طور گڏجي اڳتي وڌڻو آهي، هن چيو ته ايندڙ 10 ڏينهن ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ماءُ ۽ ٻار لاءِ خوراڪ جا ٻه م??ين پيڪيٽ گڏ ڪرڻا آهن، شاگرد به پنهنجو حصو وجهن، هن چيو ته امن ۽ ترقي جو چولي دامن جو ساٿ آهي، ڪنهن به م??اش??ي انتشار سان ترقي ناهي ڪئي.