اسلا?? آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي تحمل ۽ پروقار رويئي سان هراسان ڪندڙ پي ٽي آءِ جي حامين ۽ انهن جي سرپرستن جي مڪروهه چهري کي بي نقاب ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ جي حامين پاران هراسان ڪرڻ تي مريم اورنگزيب جهڙي طرح تحمل جو م??اهرو ڪيو آهي، ا??و سندس باوقار شخصيت جي عڪاسي ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته مريم اورنگزيب پنهنجي تحمل ۽ باوقار رويئي سان هراسان ڪندڙن ۽ انهن جي سرپرستن جي بد??ام چهري کي بي نقاب ڪيو آهي، اسان کي ان تي فخر آهي.