اسلام آباد– 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف قومي ادارن جي خلاف عمران خان جي مهم جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي قومي مفادن سان کيڏندڙن کي قان??ن کي جواب ڏيڻو پوندو، عوام کانپوءِ سازشي هاڻي ادارن ۾ انتشار پکيڙڻ جي سازش ??ري رهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم قومي ادارن جي خلاف عمران خان جي مهم جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته رنگي هٿ پڪڙيو ويندڙ چور هاڻي ادارن کي بدنام ڪري پنهنجي ڏوهه جي سزا کان بچڻ چاهي ٿو. عوام کانپوءِ سازشي هاڻي ادارن ۾ انتشار پکيڙڻ جي سازش ??ري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته سفارتي سائفر ۾ ڦيرڦار ڪري قومي سلامتي سان کيڏيو ??يو?? قان??ن کي منهن ته ڏيڻو پوندو. پاڪستان جي قومي مفادن سان کيڏندڙن کي قان??ن کي جواب ڏيڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته قانون سڀني جي لاءِ برابر آهي، مقبول هجڻ جو مطلب قان??ن کان مٿانهون هجڻ ڪيئن ٿي ??يو?? توهان جي آڊيو ليڪس پاڪستان جي مفادن جي خلاف سنگين سازش بي نقاب ڪري ڇڏي.