اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته هڪ پاڳل ملڪ ۾ فساد، انتشار ۽ افراتفري چاهي ٿو ته جيئن ملڪ ۾ معاشي استحڪام نه اچي سگهي، عمران صاحب ”ايمپائر“ ته نيوٽرل هوندو آهي جنهن کي توهان جانور چئو ٿا، حالتون ملڪ جو نه عمر??ن خان جون تمام خراب آهن ڇو ته سندس گهوڙيُون ٽٽي چڪيو?? آهن، توهان کي حيرت ان لاءِ آهي ڇو ته ادارا توهان جي گهٽيا سياست جو حصو نه بڻجي رهيا آهن. عمر??ن خان جي بيان تي پ??هن??ي ردعمل ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته نالائق نااهل توشه خانه چور عادت کان مجبور ادارن کي پ??هن??ي گهٽيا سياست ۾ گهلي رهيو آهي. اليڪشن ڪميشن ۽ عدليه جي ذميواري بڻجي ٿي ته فارن ايجنٽ ۽ توشه خانه جي چور کان حساب وٺي. هن چيو ته فوج ۽ عدليه کي عادت کان مجبور آواز نه ڏي. واپاري ۽ ڪاروباري برادري ۽ آبادگار ڄاڻين ٿا ته ملڪ توهان جي معاشي تباهي جي ڀنور ۾ ڦاٿل آهي. عمر??ن خان هڪ پاڳل شخص آهي جيڪو پوري پاڪستان کي به پاڳل سمجهي ٿو. هن چيو ته عمر??ن خان ملڪ کي جنهن ڏيوالپڻي طرف وٺي وڃي رهيو هو، اسان ملڪ کي اتان و??پس آڻي رهيا آهيون. عمر??ن خان جي ذميواري رڳو ملڪ کي ڦريل پئسو، رشوت ۾ ورتل زمين، چوري ٿيل هيرا، توشه خانه جي ڦرلٽ ۽ فارن فنڊنگ جو جواب ڏي. عمر??ن خان جي ذميواري آهي ته چار سالن جي معاشي تباهي، بيروزگاري، مهانگائي ۽ چوري جو جواب ڏي. هن چيو ته عمر??ن خان روئي رڙيون ڪري يا پٽي هاڻي ادارا توهان جي سازشي منصوبابندي جو حصو نه بڻجندا.