اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمعي ڏينه?? پشاور ۾ ايپيڪس ڪميٽي ج?? اجلاس جي صدارت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ 30 جنوري تي پشاور پوليس لائينز جي مسجد ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ج?? خوفناڪ واقعي ج?? سببن تي غور ڪيو ويندو. ايپڪس ڪميٽي ج?? اجلاس ۾ دهشتگردي ج?? خاتمي، سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي اپ گريڊيشن جي قدمن تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. اجلاس ۾ وفاقي وزير، چئني صوبن، گلگت بلتستان جا وڏا وزير، آزاد ڄمون ۽ ڪ??مير جو وزيراعظم، سيڪيورٽي فورسز، پوليس جا عملدار ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر شرڪت ڪندا.