آديامان (ترڪيه) – 17 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪ قوم تمام بهادر ۽ عظيم قوم آهي، زل??لي کان متاثر ترڪ ڀائرن جي بح??لي تائين سک سان نه ويهنداسين، عالمي برادري ترڪيه جي زل??لي م??اث??ين جي امداد لاءِ اڳتي اچي، اميد آهي ته رجب طيب اردوان جي قيادت ۾ تاريخ جي ان بدت??ين الميي کي منهن ڏيڻ ۾ ترڪ قوم ڪامياب ٿيندي. ترڪيه جي زل??لي م??اثر علائقي آديامان جي دوري جي موقعي تي ترڪيه جي سرڪاري ٽي وي آر ٽي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته ترڪيه ۾ بدترين زل??لي سان 30 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ وڏيون ملڪيتون تباهه ٿيون آهن، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته رجب طيب اردوان جي قيادت ۾ متاث??ين جي بح??لي ۽ آبادڪاري جو هدف ڪاميابي سان حاصل ڪيو ويندو پر جن ماڻهن جا پ??ارا هن زل??لي جي ڪري انهن کان وڇڙي ويا آهن اهي انهن کي واپس نه ٿا ملي سگهن، هزا??ين ماڻهن سان ائين ٿيو ته انهن جا پ??ارا انهن کان وڇڙي رهيا آهن، آئون پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران متاث??ين سان تعزيت، همدرديءَ ۽ يڪجهتي جي لاءِ آيو آهيان، هن سانحي ۾ مارجي ويندڙن جي لاءِ دعا آهي ته الله تعاليٰ انهن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه هڪ جان ٻه دل آهن جن جي دل گڏ ڌڙڪي ٿي، پاڪستان ان وقت تائين سک سان نه ويهندو جيستائين آخري م??اثر شخص واپس پنهنجي گهر ۾ اباد نه ٿو ٿي وڃي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته هي انساني الميو عالمي برادري جي بيدار ٿيڻ جي لاءِ ڪال آهي، عالمي برادري، گڏيل قومون، اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ۽ ٻيا عالمي فورمز مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ترڪيه جي بهادر عوام سان گڏ بيهن، ترڪيه اڳ ۾ به اهڙن چئلينجن کي ڪاميابي سان منهن ڏنو ۽ مقابلو ڪيو آهي، اميد آهي ته ترڪ قوم تاريخ جي ان انساني الميي کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيندي، عالمي برادري تي اڳتي اچي ۽ متاث??ين جي بح??لي ۽ نئين سر تعمير ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، هي سياست ۽ ذات جي نه هي بقاءَ جي جنگ آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا پراڻا ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، هو ترڪيه جي زل??لي سٽيلن جي امدادي ڪمن جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ترڪ ڀائرن جي م??د اسان جو فرض آهي، اسان هڪ خاندان وانگر آهيون، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پنهنجي ترڪ ڀينرن ڀائرن سان گڏ آهي، ترڪ حڪومت شه??ين جي بح??لي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، ترڪيه ۾ ايندڙ زل??لو تاريخ جو شديد ترين زل??لو هو.