اسلام آبا?? – 27 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي اسپن وام ۾ دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي ويٺ ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي سپاهي عم??ان الله ۽ سپاهي افضل خان کي خراج عقيدت پيش ڪندي ??يو آهي ته پوري قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي ۽ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آ??ي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم دهشتگردن جي خلاف ڪاميابي ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن ??يو ته اسان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردن جي ڪڌي مقصدن جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن، پوري قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي ۽ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آ??ي. هن شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو.