دوحه-05 مارچ (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني ٻطرفي گڏيل مفادن جي وسيع معاملن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشي، سيڙپڪ??ري سميت ٻين شعبن ۾ اڳ کان موجود رابطن ۽ بهترين تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، ملاقات دوران قطر سان ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻطرفي سيڙپڪ??ري واپ??ري ۽ پاڪستان مان هنرمند ماڻهن کي قطر گهرائڻ جي طريقن ۽ ذريعا وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان ج??ري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف دوحه پهچڻ کانپوءِ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي انتظام هيٺ گهٽ ترقي ڪندڙ ملڪن جي ڪانفرنس جي پنجين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ قطر پهتو آهي. قطر جي امير جي دعوت تي وزيراعظم هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ شيخ تميم بن حمد آل ثاني ٻطرفي گڏيل مفادن جي وسيع تر معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ معاشي ۽ سيڙپڪ??ري سميت ٻين شعبن ۾ پهرين کان موجود بهترين تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي طريقن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، قطر جي امير جي ترقي ۾ پاڪستاني پورهيتن جي ڪوششن کي ساراهيو خاص طور تي قطر جي ميزباني ۾ فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جي ڪاميابي موق??ي تي پاڪستاني سيڪيورٽي عملدارن جي شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيو. ملاقات ۾ وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي ترقي جي منصوبن ۾ قطر جي مسلسل حمايت کي ساراهيندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي وسيع موقعن کي اجاگر ??يو. ملاقات دوران قطر سان ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻطرفي سيڙپڪاري، واپ??ري ۽ پاڪستان کان هنرمند ماڻهن جي ق??ر موڪلڻ جي طريقن ۽ ذريعن کي وڌائڻ تي ڳالهيون ٿيون، قطر جي امير وزيراعظم محمد شهباز شريف کي قطر اچڻ تي ڀليڪار چيو، هن پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ معاشي تعاون وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان جي ترقي جي ايجنڊا ۾ قطر طرفان ڀرپور تعاون جي پختي عزم ۽ حمايت ج??ري رکڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم قطر جي امير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي هن قبول ڪري ورتو.