اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيدالفطر جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي. سزائن ۾ گهٽتائي جو اطلاق قتل، جاسوسي، رياست مخالف سرگرمين ۽ دهشتگردي سميت سنگين نوعيت جي ڏوهن ۾ سزايافته قيدين تي نه هوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب سزائن ۾ گهٽٽائي جو اطلا?? زنا، چوري، ڦر، اغوا، مالي ڏوهن ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهارين تي به نه هوندو. پڌرائي موجب سزائن ۾ گهٽتائي جو اطلاق 65 س??لن کان وڌ??ڪ عمر جي قيدين ۽ 60 سالن کان وڌ??ڪ عمر جي عورت قيدين تي هوندو جيڪي هڪ ڀاڱي ٽيون حصو قيد ڪاٽي چڪيون هجن. اهڙي طرح 18 سالن کان گهٽ عم?? جا ماڻهو جيڪي پنهنجي هڪ ڀاڱي ٽي سزا ڪاٽي چڪا آهن انهن تي به سزا ۾ گهٽٽائي جو فيصلو لاڳو ٿيندو. صدر سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني آهي.