اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پاڪستان سرينگر ۾ جي – 20 اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي چي??، سعودي عرب، ترڪيه، م??ر ۽ اومان ک?? شاندار لفظن ۾ ساراهيندي چي?? آهي ته اهي ملڪ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي بالادستي جي لاءِ بيٺل آهن، پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڪشميري عوام جي انهن جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي منصفاڻي جدوجهد جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ جي – 20 ٽوئرازم ورڪنگ گروپ جي اجلاس جي ميزباني ڪرڻ جي ڀارتي قدم کي رد ڪندي چي?? ته ڄمون ۽ ڪشمير عالمي طور تي مڃيل تڪراري علائقو آهي، اهو تڪرار 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موجود آهي، ان پس منظر ۾ ڀارت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن، گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ عالمي قانون ک?? مڪمل طور تي نظرانداز ڪندي پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ان اجلاس جي ميزباني ڪئي. ترجمان چي?? ته جي – 20 اجلاس جو تڪراري علائقي ۾ منعقد ٿيڻ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن سان غداري آهي، گذريل 7 ڏهاڪن کان هو ان انتظار ۾ آهن ته عالمي برادري انهن جي خراب حالت تي ڌيان ڏي ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جو خاتمو ڪري. هن چي?? ته مقامي آبادي کي يرغمال بڻائي ۽ انهن ک?? انهن جي حقن ۽ آزادي کان محروم ڪري سياحت ۽ ترقي کي فروغ نه ٿو ڏئي سگهجي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چي?? ته سرينگر ۾ جي – 20 اجلاس منعقد ڪرڻ سان ڀارت والاريل ڪشمير ۾ پنهنجي غيرقانوني قبضي ۽ ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جي حقيقت کي نه ٿو لڪائي سگهي. هن ڀارت پاران ڪشمير ۾ حالتون معمول تي اچڻ جي دعويٰ کي رد ڪندي چي?? ته تلخ حقيقت اها آهي ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير زمين تي سڀ کان وڏي فوجي علائقن مان هڪ آهي. هن چي?? ته سرينگر اجلاس جي ڀرپاسي انتهائي حفاظتي قدم، وڏي پئماني تي گرفتاريون ۽ مقامي آبادي کي هراسان ڪرڻ نئين آبادياتي علائقي ۾ معمول جي حالتن جي دعوائن جي ترديد ڪن ٿا. ترجمان چي?? ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ حالتن ک?? معمول تي آڻڻ جي پٺيان لڪائڻ ۾ واضح طور تي ناڪام رهيو آهي، جيڪو سرينگر اجلاس ۾ هيٺئين سطح جي نمائندگي ۽ ڪيترن اهم نمائندن جي غيرموجودگي مان ظاهر ٿئي ٿو. هن سرينگر اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي عوامي جمهوريه چي??، سعودي عرب، جمهوريه ترڪيه، عرب جمهوريه م??ر ۽ سلطنت اومان ک?? ساراهيندي چي?? ته اهي ملڪ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي بالادستي جي لاءِ بيٺل آهن. ترجمان واضح ڪيو ته جي – 20 جو قيام بنيادي طور تي عالمي مالياتي ۽ اقتصادي مسئلن ک?? منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪيو ويو هو، ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ علائقي ۾ ان اجلاس کي منعقد ڪري هڪ ٻئي عالمي فورم تي سياست ڪئي آهي ۽ هو پنهنجي مفاداتي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ موجوده چيئر جي حيثيت سان پنهنجي حيثيت جو ناجائز فائدو کڻي رهيو آهي. هن چي?? ته ان بدران ڀارت کي عالمي ميڊيا ۽ آزاد انساني حقن جي تنظيمن ک?? پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي رپورٽ ڪرڻ جي لاءِ گهرائي بنا روڪ ٽوڪ جي پهچ فراهم ڪرڻ گهرجي ۽ اتي جاري ڏاڍ جو خاتمو ڪرڻ سان گڏوگڏ گڏيل قومن جي ڪميشن آف انڪوائري جي قيام سان اتفاق ڪرڻ گهرجي ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي لاءِ گ??يل قومن جي نگراني هيٺ ريفرنڊم ڪرائڻ گهرجي ته جيئن اهي پنهنجي مستقبل جو پاڻ تعين ڪري سگهن. ترجمان چي?? ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڪشميري عوام جي انهن جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي منصفاڻي جدوجهد جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. هن چي?? ته 22 مئي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪيو، هو آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪندڙ پاڪستان جو پهريون پرڏيهي وزير آهي. ترجمان چي?? ته پرڏيهي وزير پنهنجي خطاب ۾ ڪشميري عوام جي همت کي سلام پيش ڪيو ۽ شهيدن ک?? زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو. هن لائين آف ڪنٽرول ويجهو رهندڙ آبادي سان مخلصاڻي همدردي جو اظهار ۽ ڪشميري عوام سان پاڪستان جي پراڻي ڳانڍاپي ۽ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو.