اسلام آباد – 25 ?? مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سردار اياز صادق جي رهائشگاهه تي ويو ۽ ساڻس وڏي ڀاءُ سردا?? محمود صادق جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فاتح?? خواني ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ اسان جون سم??ريون همدرديون سوڳوارن سان آهن. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند فرمائي ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل ڏي. ان موقعي تي وفاقي وزير اسحاق ڊار، خواجه آصف، اعظم نذير تارڙ ۽ مريم اورنگزيب پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.