اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ دوران گڏيل قومن ??ي سيڪريٽري جنرل جي حمايت ۽ تعاون کي ساراهيندي چيو ??هي ته انتونيو گوتريس سان ملاقات دوران اسان اتفاق ڪيو ??هي ته دنيا کي موسمياتي تبديلي بابت پنهنجا واعدا ??ورا ڪرڻ جي ضرورت آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چي?? ته نيو گلوبل فنانسنگ پيڪٽ جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي گڏيل قومن ??ي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان پنهنجي ملاقات ۾ اسان پاڪستان جي ٻوڏ سٽيلن جي بحالي جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. مون موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻ جي مطالبي جي مسلسل ۽ ڀرپور وڪالت تي سيڪريٽري جنرل جا ٿورا مڃيا. هن چي?? ته اسان اتفاق ڪي?? ته عالمي برادري کي موسمياتي انصاف جي لاءِ پنهنجي واعدن کي پورو ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستاني ڪڏهن به نه وسا??ين??ا ته سيڪريٽري جنرل پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهين کانپوءِ ڪهڙي طرح عالمي فورمز تي ٻوڏ متاثرين جو ڪيس پيش ڪرڻ جي لاءِ اڳتي اچي.