اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان قطر سان واپار ۽ سيڙپڪا??ي جي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي گڏيل فائديمند اقتصادي لاڳاپن ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو، پاڪستان قطر سان توانائي جي شعبي ۾ حصيداري جو خواهشمند آهي ۽ معيشت جي مختلف شعبن ۾ قطر جي سيڙپڪاري جو خواهشمند ??هي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ قطر جي عهدو ڇڏيندڙ سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان فيصل الثاني سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر قطر جي حڪومت کي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ميزباني کي سار??هي?? جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ مضبوط پل جو ڪم ڪري رهيا آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته قطر هنرمند پاڪستاني ڪارڪنن جي انگ ۾ اضافو ڪندو ۽ پاڪستان ۾ وڌيڪ ويزا سهولتون کوليندو. صدر اسلامو فوبيا جي خلاف ڪوششن تي قطر ??ي قيادت کي سار??هي??دي وڌيڪ چيو ته اسلامي دنيا کي دنيا ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا جي خلاف گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت ??هي. هن ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين سان گڏوگڏ ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ کي به اجاگر ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ذريعي ڪندڙ ظلم ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ مسلسل خطرو ??هي. افغانستان جي حوالي سان صدر چيو ته پاڪستان ۽ قطر کي افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ افغان پناهگيرن کي ضروري انساني امداد جي فراهمي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ گهرجي. صدر فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جي لاءِ بهترين انتظام ڪرڻ تي قطر ??ي قيادت کي سار??هي??دي چيو ته قطر اهڙي قسم جا ميگا اسپورٽس ايونٽس جو ڪاميابي انعقاد ڪري تاريخي ڪم ڪيو ??هي. هن گذريل سال ٻوڏ دوران پاڪستان کي انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪرڻ تي به قطر جا ٿورا مڃيا. صدر سفير کي ان جي مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ان جي ڪردار کي سار??هي??.