ڪراچي-13 جون (اي پي پي) ڪمشن?? ڪراچي محمد اقبال ميمڻ موسميات کاتي ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿار??ي جو دورو ڪيو. ان موقعي تي چيف ميٽرول??جس?? طوفان جي ڪراچي ۾ اثرن ۽ طوفان جي اثرن کي شهر ۾ منهن ڏيڻ لاءِ امدادي ڪمن ۽ شهرين کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ متاثر ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ جي قدمن ۽ انتظامن بابت پي ڊي ايم اي تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي چيف ميٽرول??جس?? ڪمشنر کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ 15، 16 ۽ 17 جون تي تيز هوائن سان تيز برسات جو امڪان آهي. خدشو آهي ته هڪ سئو ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات پئجي سگهي ٿي. بحرحال موسم جي اها صورتحال تبديل به ٿي سگهي ٿي.