اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اليونٿ ايونيو منصوبي جي پيڙهه رکي ڇڏيو. 7.2 ڪلوميٽر جو اهو منصوبو ٻن مرحلن ۾ 16 ارب رپين جي لاڳت سان مڪمل ٿي ويندو. وزيراعظم وفاقي وزيرن راڻا ثناءُ الله، مريم اورنگزيب سان گڏ اليونٿ ايوينيو منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ان م??قعي تي قومي اسيمبلي جا اڳوڻا ميمبر حنيف عباسي، ملڪ ابرار، انجم عقيل خان، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پڻ ان م??قعي تي موجود هئا. وزيراعظم کي اليونٿ اوينيو منصوبي تي بريفنگ ڏني وئي. کيس ٻڌايو ويو ته ان م??صوبي جي پهرين مرحلي ۾ 4.20 ڪ??وميٽر رستو تعمير ڪيوويندو، ان ۾ ٻه انٽرچينج ۽ ٻه فلائي اوور شامل آهن. ٽن ڦاڪن واري رستي تي 9 ارب رپيا لاڳت ايندي. پهريون مرحلو هڪ سال ۾ مڪمل ٿيندو. ٻئي مرحلي ۾ ٽي ڪلوميٽر ڊگهو ??ستو تعيمر ٿيندو جنهن ۾ ٻه انڊر پاس ۽ ٻه انٽرچينج شامل آهن. ٻئي مرحلي جي مڪمل ٿيڻ ۾ به هڪ سال لڳندو. اهڙي طرح اهو منصوبو ٻن سالن ۾ مڪمل ٿيندو. ٻئي مرحلي تي 7 ارب رپيا لاڳت ايندي. ان م??صوبي تي ريلوي ٽريفڪ جنڪشن ۽ آءِ جي پي روڊ تي انٽرچينج ۽ فلائي اوور تعمير ڪيا ويندا. اليونٿ ايوينيو تي خيابان اقبال، ابن سينا، سري نگر هاءِ وي تي انٽرچينج ۽ فلائي اوور تعمير ٿيندا.