اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آ??ي ته پاڪستان ۽ چين سدائين مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آ??ي ۽ گڏيل مفاد جي معاملن تي هڪ ٻئي جي اڻٿڪ ??ما??ت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن عوامي جمهوريه چين جي ناظم الامور پانگ چنڪسو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي 102 هين سالگرهه تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان جي يڪجهتي، سالميت ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ڪميونسٽ پارٽي جي قيادت جي ??ما??ت تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته آئرن برادرز ۽ پراڻا دوست هجڻ جي ناطي پاڪستان ۽ چين سدائين مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آ??ي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي هڪ ٻئي جي اڻٿڪ ??ما??ت ڪئي آهي. چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ سان پنهنجي ملاقاتن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ چين جي قيادت جي پڪي عزم کي ساراهيو. پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن ۾ بهتري ۽ اقتصادي ۽ مالياتي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي حوالي سان وزيراعظم پاڪستان جي معاشي استحڪام جي لاءِ چين جي ??ما??ت تي ٿورا مڃيا ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عالمي ترقياتي قدمن ۽ سي پيڪ تحت ترقياتي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي پڪي عزم جو اظهار ڪيو. پاڪستان جي لاءِ چين جي حڪومت پاران نيڪ خواهشن ۽ تعاون جو ذڪر ڪندي چين جي ناظم الامور ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان چين جو سدابهار اسٽريٽجڪ حصيدار ۽ هر آزمائش تي پورو لهندڙ دوست آهي. هن چيو ته چين جي حڪومت ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي پرڏيهي پاليسي ۾ پاڪستان جو خصوصي مقام آهي ۽ اسان سم??رن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو (جي ڊي آئي) بابت پهرين اعليٰ سطحي فورم ۾ ورچوئل شرڪت تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي چيني ناظم الامور ٻنهي ملڪن جي قيادت جي تصور موجب پاڪستان ۾ جي ڊي آئي جي منصوبن تي عملدرآمد جي لاءِ چين جي عزم جو اظهار ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سي پيڪ بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو هڪ اهم منصوبو آ??ي ۽ چين جي قيادت سي پيڪ کي بي آر آئي جي اعليٰ معيار جي منصوبي تي عملدرآمد جي لاءِ پاڪستان جي حڪومت جي ڪوششن جي ??ما??ت جاري ر??ند??. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته چين پاڪستان کي هڪ اهم اقتصادي حصيدار سمجهي ٿو ۽ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ مالي استحڪام جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري ر??ند??.