لاهور – 24 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر ڏينهن خانيوال ۾ گرين پاڪستان انيشي ايٽو جي ??ليگ شپ پراجيڪٽ، پاڪستان جي ??هرين مڪمل طور تي پاڻمرادو ۽ پوکيءَ جي جديد ط??يق?? تي ٻڌل ”خانيوال ماڊل ايگريڪلچرل فارم“ جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب تقريب ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير، وفاقي وزير، صوبائي چيف سيڪريٽريز، زرعي ماهر، آبادگار ۽ اعليٰ فوجي آفيسر شرڪت ڪندا. پاڪستان جي ??اڌويجهه جي شرح ۾ زرعي شعبي ??و حصو رڳو 23 سيڪڙو آهي، جيڪو ان جي حقيقي صلاحيت کان گهٽ آهي. پاڪستان جي زرعي شعبي جي سگهه کي پوکيءَ جي جديد ط??يق?? جي ذريعي استعمال ۾ آڻي سگهجي ??و. گرين پاڪستان انيشي ايٽو سڀني ڌرين جي ??چ ۾ حصيداري جو هڪ منفرد پليٽ فارم آهي، جنهن ۾ اسپيشل انويسٽمنٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل سان سيڙپڪاري جو مثبت رجحان ڏٺو ويو آهي.