اسلام آباد_ 22 جولاءِ(اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ??هي ته پيمرا (ترميمي ) بل تي گذريل هڪ سال دوران سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشورا ڪيا آهن، سمورن اسٽيڪ هولڊرز، پي ايف يو ??ي، پي پي اي، ايمنڊ، سي پي اين اي ۽ پي اين ايس کي آن بورڊ ورتو ويو ??هي ۽ انهن کي آرا بل ۾ شامل ڪيو ويو آ??ي، پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ هن چيو ??ه مون کي خوشي آ??ي، ته قومي اسيمبلي جي سڌ سماءَ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پيمرا (ترميمي) بل 2023 منظور ڪيو ????ي، اهو بل خميس تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو هو، ڪميٽي ميمبرن ۽ منهنجي وچ ۾ بحث کانپوءِ ڪميٽي ان بل جي منظوري ڏني، هن چيو ??ه پيمرا بل کي سمورن اسٽيڪ هولڊرن جي صحيحن سان حتمي شڪل ڏني آ??ي، بل جي تياري ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي فعال شرڪت، وقت، ڪوشش ۽ قيمتي ان پٽ تي انهن جي ٿورائتي آهيان، ??ن چيو ??ه بل جو مقصد صحافين جي بهتري سميت پاڪستان ۾ آزاد، ذميوار ۽ اخلاقيات تي مشتمل ميڊيا ماحول کي فعال ڪرڻ آ??ي، جيئن دنيا جي جمهوري ملڪن ۾ آهن.وفاقي وزير وڌيڪ چيو ??ه بل جي نمايان خاصيتن ۽ ان جي تياري لاءِ وسيع شراڪتي ۽ مشاورتي عمل جي تفصيلن کان پريس ڪانفرنس ۾ آگاه ڪيو ويندو.