اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول با??ر ڪالهه اربع ڏينهن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سنڌ جي نگران وڏي وزير وزيراعظم کي سنڌ حڪومت جي انتظامي ??عا??لن ۽ نگران حڪومت کي درپيش مشڪلاتن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم سنڌ جي نگران وڏي وزير کي انتظاميا ??عا??لن کي موثر طريقي سان سرانجام ڏيڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت جي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ۽ نگران وڏي وزير آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن سان مڪمل تعاون ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو.