نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلاروس اقتصادي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني پنهنجي بيلاروسي هم منصب سرگئي ??يلينڪ سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هي?? اجلاس جي موقعي تي ملاقا?? ڪئي. هنن جنوري 2023ع ۾ منعقد پاڪستان بيلاروس گڏيل اقتصادي ڪميشن جي ڇهين اجلاس دوران ٿيندڙ اڳڀرائي ??و جائزو ورتو ۽ خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.