لنڊن – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين تي زور ڏنو آهي ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ناليواري برطانوي پاڪستاني واپارين جي وفد پاڪستان هائوس ۾ ملاقات ڪئي. نگران و??يراعظم نگران حڪومت پاران ڪيل سڌارن جي نتيجي ۾ مثبت معاشي اشارن کي ??جاگر ڪيو جن ۾ پاڪستاني رپيو مستحڪم ڪرڻ، مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ متوقع اقتصادي ترقي کي مضبوط ڪرڻ پڻ شامل آهي. هن وڌيڪ چيو ته درآمدي پابندين جي خاتمي ۽ ڪاروباري برادري جو اعتمادل بحال ڪرڻ ??ي ڪوششن سان ٻاهرئين کاتن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي اميد هئي. نگران و??يراعظم پاڪستان جي سيڙپڪار دوست سوچ، مراعتن ۽ ڪاروبار ۾ آساني ۾ سڌارن جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته ون ونڊو پليٽ فارم جي ذريعي اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري جي راهه هموار ڪرڻ ??ي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) متعارف ڪ??ائي جنهن جي صدارت هو پاڻ ڪري ٿو، انهن قدمن جو مقصد ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي وڌائڻ، رڪاوٽن کي ??تم ڪرڻ ۽ ڊگهي مدي واري سيڙپڪاري جو روڊ ميپ ٺاهڻ آهي. نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خساري ۾ هلندڙ سرڪاري ادارن جي نجڪاري جي لاءِ حڪومت جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو. هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن. هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ واپارين کي پاڪستان جي معاشي بحالي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ ??ي لاءِ خاص طور تي خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ??ي دعوت پڻ ڏني. برطانوي پاڪستاني ڪاروباري اڳواڻن نگران و??يراعظم کي ٻاهرئين ملڪ رهندڙن تائين پهچ تي کيس ساراهيو ۽ ملڪ ۾ پنهنجي سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ سرگرمي سان ڪوشش ڪندي پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروباري آپريشنز کي وڌائڻ ۾ پنهنجي ڀرپور دلچسپي جو اظهار ڪيو. هنن اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت پاران ڪيل سڌارا ڊگهي مدي تائين جاري رهندا ۽ انهن نگران و??يراعظم کي پاڪستان کي ??رقي جي راهه تي واپس آڻڻ جي لاءِ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو.