بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ بيجنگ ۾ منعقد ٿي??دڙ عالمي تعاون بابت ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم (بي آر ايف) ۾ شرڪت ڪئي. بي آر ايف جي اعليٰ سطحي جي فورم کي ”آزاد عالمي معيشت ۾ رابطن جي اهميت“ جي مو??وع تي فورم کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم ٽئين بي آر آئي فورم جي ڪامياب انعقاد تي چيني قيادت کي مبارڪباد ڏني. هن گڏيل مستقبل ۽ بيلٽ اينڊ ر??ڊ انيشي ايٽوجي عالمي ڪميونٽي جي صدر شي جي ويزن کي ساراهيو جيڪو عالمي رابطي، گڏيل ترقي ۽ گڏيل خوشحالي جي لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. هن صدر شي جن پنگ جي منظرعام تي اي??دڙ 8 نقاطي ايجنڊا جي حمايت پڻ ڪئي. بي آر آئي جي فليگ شپ منصوبي جي طور تي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) پنهنجي 10 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان ۾ نوان اقتصادي موقعا پيدا ڪرڻ ۾ سي پيڪ جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو. پاڪستان جي مضبوط اقتصادي ترقي جي لاءِ ان جي اهميت کي اجاگر ڪندي هن سي پيڪ کي ترقي، جدت، روزگار جي ذريعي، سبز معيشت، آزاداڻي ۽جامعيت جي لنگهه جي چيني تجويز جي توثيق ڪئي. نگران وزيراعظم بني نوع انسان کي درپيش مُشڪل عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن ۽ 2030ع جي ايجنڊا تحت حاصل ٿي??دڙ ڪاميابين ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي لاءِ متفقه عالمي ردعمل جي ضرو??ت تي زور ڏنو. هن چرپر، توانائي ۽ ڊيجيٽل معيشت ۾ سيڙپڪاري ڪري اسر??دڙ دنيا ۾ بنيادي ڍانچي جي خال کي ختم ڪرڻ جي فوري ضرو??ت تي زور ڏنو.