بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان امر انٽرنيشنل جي چيئرمين وانگ وينين ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ امر انٽرنيشنل پاڪستان ۾ ٽامي ۽ اسٽيل جي صنعت ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دل??سپي جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم امر انٽرنيشنل جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دل??سپي جي آجيان ڪئي ۽ انهن کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل بابت آگاهه ڪيو جنهن تحت کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي شعب?? ۾ ??يڙپڪاري جي لاءِ ون ونڊو آپريشن جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي.