ڪوئيٽا-20 آڪٽوبر (اي پي پي) تع??يم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته بلوچستان ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو تعداد باقي صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي، نگران حڪومت ان شعبي ۾ بهترين بنياد وجهي ويندي، وقت اچي ويو آهي ته تع??يمي اد??رن مان سياسي مداخلت جو خاتمو ڪيو وڃي. اها ڳالهه هن بيوٽمز يونيورسٽي ڪوئيٽا ۾ صوبي جي مختلف يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز سان ملاقات ۽ تع??يمي بهتري لاءِ انهن جي تجويزن، سفارشن بابت جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. تع??يم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته بلوچستان جي تع??يمي اد??رن ۾ مالي ۽ انتظامي مسئلن جي حل لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، هاڻي اسان ک?? ماضي کي وساري اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ ڳالهين ذريعي ئي سمورن مسئلن جو حل ڪڍڻ گهرجي. هن چيو ته نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي هدايت تي بلوچستان جو چئن ڏينهن جو دورو ڪري رهيو آهيان، ڪوئيٽا اچڻ جو مقصد تع??يم?? ماهرن، صوبائي حڪومت ۽ دانشورن سان ملاقاتون ڪري تع??يم جي شعبي ۾ بهتري لاءِ سفارشون جوڙڻ آهن. هن جو چوڻ هو ته سنڌ ۽ بلوچستان کانپوءِ ٻين صوبن جو به دورو ڪندس، جنهن کانپوءِ تع??يم جي شعبي ۾ درپيش چئلينجز ۽ ان جي حل بابت پنهنجي سفارشن تي ٻڌل رپورٽ صدر مملڪت ۽ نگران وزيراعظم کي پيش ڪندس. هن چيو ته تع??يم جي شعبي ۾ ڪوالٽي جي مسئلن ۽ ٻين تي ٽاسڪ فورس جوڙي وئي آهي جنهن جي سربراه?? مان پاڻ ڪندس، نگران حڪومت تع??يم جي شعبي ۾ بهترين بنياد وجهي ويندي. وائيس چانسلرز سان اڄ جي ويهڪ شروعات آهي ۽ ان سلسلي ۾ اڳتي وڌايو ويندو، مدد علي سنڌي چيو ته بلوچستان جي تع??يمي اد??رن جي مسئلن جي حل لاءِ وائيس چانسلرز جي جلد نگران وزيراعظم سان ملاقات ڪرائي ويندي ته جيئن فنڊن ۽ پينشنز سميت ٻين مسئلن جو مستقل حل ڳولي سگهجي. ان موقعي تي هائير ايجوڪيشن ??ميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد وڊيو لنڪ ذريعي ڳالهائيندي چيو ته هن وقت يونيورسٽين جي ڪوالٽي ۽ گورننس جا مسئلا وڏا آهن، بلوچستان جي تع??يمي اد??رن لاءِ هائير ايجوڪيشن ??ميشن 223 ملين روپيا ايڊيشنل گرانٽ ڏني آهي.