اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گئس جي محدود وسيلن جي ڪري پيدا ٿيندڙ صورتحال خاص طو?? تي مستقبل تي نظر رکندي فوري طو?? تي جامع منصوبابندي جي ضرورت آهي، گئس بابت معاملن جو تعلق ڪنهن هڪ ش??بي يا علائقي سان نه پر پوري ملڪ جو معاملو آهي، اهي سمورا معاملا مفادن جي ڪائونسل جي سامهون رکنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن گئس جي ش??بي بابت معاملن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ گئس جي گهرج ۽ پهچ، گئس انفرااسٽرڪچر، گئس جي ش??بي ۾ درپيش مسئلن ۽ مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي لائحه عمل جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، خاص معاون نديم بابر ملڪي سطح تي گئس جي پيداوار، ملڪي ضرورتن، درآمد ٿيل گئس جي مقدار، قيمت ۽ مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي گهرج ۽ پهچ جي ڪاٿي تي تفصيلي بريفنگ ڏني، وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته گئس جي ش??بي ۾ هڪ طرف وڌندڙ گهريلو ۽ صنعتي ش??بي جون ضرورتون ۽ ٻي طرف مقامي طو?? تي موجود گئس جي محدود ذخيرن سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال خاص طو?? تي ويجهي مستقبل جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي فوري طو?? تي جامع منصوبابندي جي ضرورت آهي.