اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعت ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آه?? ته پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) فريم ورڪ تي سمورين ڌرين سان مشاورت جو عمل جاري آه??، قومي اسيمبلي ۽ سي??يٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽين کي پڻ ان حوالي سان تفصيلي آگاهه ڪيو ويو آه??، فيڪ نيوز وڏو چئلينج آه??، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي ڪانٽريڪٽ تي عملدرآمد مسئلو آه??، پي ايم ڊي اي تي ڪو آرڊيننس نه آڻي رهيا آه??ون، جيڪڏهن ائين ئي ڪرڻو هجي ها ته مشاورت نه ڪريون ٿا، وار آف اوپينيئن ۽ عيرروايتي جنگ لاڳو ٿي چڪي آه??. هو ڪالهه اڱاري ڏينهن سي??يٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) بابت بريفنگ ڏئي رهيو هو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جي صدارت ۾ پا??ليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ڪميٽي کي ٻڌايو ته پي ايم ڊي اي تي سمورين ڌرين سان مشاورت جاري آه??. هن ٻڌايو ته اي يو ڊس انفوليب 750 جعلي ويب سائيٽس کي بي نقاب ڪيو، ناليوارين شخصيتن جا جعلي اڪائونٽس ٺاهي پاڪستان جي خلاف پروپئگنڊه ڪئي وئي. هن چيو ته سمورين ڌرين کي ان ڳالهه جي ضمانت ڏيون ٿا ته پي ايم ڊي اي سان اظهار راءِ جي آزادي تي ڪا پا??ندي نه لڳندي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته باقي ملڪن وانگر فيس بڪ، ٽوئيٽر، ??يٽ فليڪس، يوٽيوب ۽ او ٽي ٽي پليٽ فارم جون آفيسون پاڪستان ۾ قائم ٿيڻ گهرجن، نئين ايڊورٽائيزنگ پاليسي ۾ ڊيجيٽل ايڊورٽائيزنگ شامل ڪئي وئي آه??، جيڪي پي آءِ ڊي سان رجسٽرڊ هوندا انهن کي سرڪاري اشتهار ملي سگهندا. هن ٻڌايو ته ميڊيا ڪمپلينٽ ڪائونسل ۾ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي درخواست جو 21 ڏينهن ۾ فيصلو ٿيندو، ان جي خلاف ميڊيا ٽربيونل سان رجوع ڪري سگهبو، هتي 21 ڏينهن ۾ فيصلو ٿيندو جيڪو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ٿي سگهندو. هن چيو ته ماضي ۾ اهڙيون روايتون نه هيون، ڪنهن به قانون جو مسودو قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ کانپوءِ اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏ??نهن ويندو هو. هن چيو ته ميڊيا رياست جو چوٿون ٿنڀ آه??، ان اهميت کي تسليم ڪريون ٿا، سي??يٽ ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽي جا ميمبر پي ايم ڊي اي تي پنهنجي پا??ٽي قيادت کي ٺوس بريفنگ ڏين. هن چيو ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي تمام گهڻا مسئلا درپيش آه??. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ايم ڊي اي ۾ صحافين جي تربيت ۽ تحقيق کي لازمي قرار ڏنو ويو آه??، پي ايم ڊي اي ٺاهڻ سان فنانشل بجيٽ ۾ گهٽتائي، ريگيوليٽري ادارا هڪ ڇت هيٺ اچي ويندا، بنيادي طور تي ٻه آپشن هئا، ميڊيا بابت سمورن قانونن ۾ ترميمون ڪيون وڃن يا هڪڙو ئي قانون آندو وڃي.