اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا عام ماڻهن جي زندگين ۾ بهتري، تيز رفتار انصاف جي فراهمي لاءِ 8 آرڊيننس، گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي لاءِ 5 ارب جي بنا وياج جي قرضن جي اسڪيم، ڪرتارپور لنگهه جي حوالي سان ڀارت سان معاهدي، ??ومي احتساب بيورو کي ??ڪارڊ فراهمي، ??رسٽ فار وولينٽري آرگنائيزيشن جي ميمبرن جي مقرري، ڪنٽونمينٽس ۾ بي او ٽي بنيادن تي سولر جي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق ??عواڻ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم سان گڏ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي ??ريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اجلاس شروع ٿيڻ تي وزيراعظم مختلف وزارتن پاران عوامي ڀلائي جي حوالي سان ملندڙ تجويزن کي ڪابينا آڏو رکيو.