لاهور – 07 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته حڪومت فلمي صنعت ۽ سئنيما کي صنعت جو درجو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، فلم کي سينسر ڪرڻ جو اختيار فيڊرل سينسر بورڊ وٽ هوندو، فلمي صنعت ذريعي تهذيب، قدرن ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ترجيح آهي، عوام پنهنجي مس??لن جي حل لاءِ وزيراعظم عمران خان کي پنهنجو مسيحا بڻائي چڪي آهي، نيب آزاد ادارو ??هي. فلم انڊسٽري جي وفد سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته نئين فلم پاليسي جي حوالي سان ڌرين سان مشاورت ٿي آهي ۽ نئين فلم پاليسي ۾ ڌرين جي تجويزن کي شامل ڪيو ويندو، فلمي صنعت جي بحالي لاءِ حڪومت هر مم??ن تعاون ڪ??دي.