اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ پاڻي ۽ بنيادي ڍانچي جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته سنڌ ۽ خاص طور تي ڪراچي جي عوام کي درپيش مسئلن جو مڪمل ادراڪ آهي، صوبي جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. اهڙن خ??الن جو اظهار هن منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ڳالهائيندي ??يو. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ڪراچي پئڪيج جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا و??ا ۽ سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ تعمير ۽ ترقي جي وفاقي منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ور??و ويو.