اسلام آب??د ?? 11 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته خواجه آصف جي تقرير ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري خطي ۽ عالم?? سطح تي درپيش حالتن کان مڪمل لاعلمي جو ثبوت آهي، سندس بيان تضادن۔سان ڀرپور ۽ حقيقتن کي مسخ ڪ??ڻ جي ڪوشش آهي، مخالف ڌر پنهنجي سياست جي لاءِ عوام جي زندگين سان نه کيڏي، سياسي جادوگر پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪري عوام کي گمراهه نٿا ڪري سگهن، ماضي جي حڪومتن ملڪ جي ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته عمران خان ملڪ جو رخ درست ڪري خوشحالي ۽ ترقي جي راهه تي آندو آهي، پاڪستان جي عوام باشعور آهي، ملڪي مفادن تي ذاتي مفادن کي ترجيح ڏيندڙ عوام کي وڌيڪ بيوقوف نٿا بڻائي سگهن، ماضي جي حڪومتن ذاتي مفادن ۽ فائدن جي لاءِ ادارن کي مفلوج ڪيو، پنهنجي منشور تحت اسان ادارن ۾ سڌارا آڻي ??روس ڊليوري بهتر بڻائي رهيا آهيون.