اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي ??ي پي) وزيراعظم جي قومي سلامتي جي معاملن بابت خاص صلاحڪار معيد يوسف چيو آهي ته منهنجي خلاف غلط افوا??ون ڦهلايون پيون وڃن، مون وٽ پاڪستان کانسواءِ ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهريت ناهي، مان پاڪستان حڪومت کي پنهنجي شهريت بابت پهريان ئي قسم نا??و جمع ڪرائي چڪو آهيان. پنهنجي اثاثن ۽ شهريت بابت وضاحتي بيان ۾ خاص صلاحڪار چيو ته پنهنجي موجوده ذميواري سنڀالڻ کانپوءِ آمريڪا ناهيان ويو، مون کي آمريڪا م??ن ڪا به آمدني نه ٿي اچي، منهنجي پرڏيهه ۾ ڪا به اربن يا لکن جي جائيداد ناهي. هن چيو ته منهنجي يا منهنجي خاندان وٽ پاڪستان کانسواءِ ڪنهن ملڪ ۾ ڪا به جائيداد ناهي، غلط فهمي نه ڦهلائي وڃي.