اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ع??را?? خان ترڪيءَ سان سمورن شعبن ۾ لاڳاپن ۽ ويجهي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي ڪوويڊ 19 جي خلاف عالمي مهم ۾ ڪردار ۽ پاڪستان سميت ڪيترن ئ?? ملڪن ??ي امداد ڏيڻ تي ترڪيءَ کي ساراهيو آهي. هن اها ڳالهه ترڪيءَ ??ي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي چئي. ترڪيءَ ??ي صدر عيدالاضحيٰ جي خوشي جي موقعي تي وزيراعظم ع??را?? خان کي ٽيليفون ڪيو. ٻن??ي اڳواڻن هڪ ٻئي کي عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني ۽ ٻن???? ملڪن جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آيا صوفيه کي نماز جي لاءِ ٻيهر کولڻ تي صدر اردوان کي مبارڪباد ڏني ۽ ترڪيءَ ??ي صدر کي ٻڌايو ته لکين پاڪستانين ٽيليويزن تي اهو منظر سڌوسنئون ڏٺو آهي. ڳالهه ٻولهه ۾ ٻن??ي اڳواڻن مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻن???? ملڪن جي اعليٰ سطح جي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي ڇهين اجلاس جي موقعي تي ترڪيءَ ??ي صدر طيب اردوان جي پاڪستان جي دوري جو حوالو ڏيندي وزيراعظم ترڪيءَ سان سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ع??را?? خان ڪوويڊ 19 جي خلاف عالمي مهم ۾ ڪردار ۽ پاڪستان سميت ڪيترن ئ?? ملڪن ??ي امداد ڏيڻ تي ترڪيءَ کي سارهيو.