اسلام آباد-28 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان افغانستان سان برادر?? ناتن کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿو، عبدالله عبدالله جي دؤري سان پاڪ افغان ٻه طرف?? ناتن ۾ نئين باب جو اضافو ٿيندو. دؤرو ٻه طرفي واپ??ري ناتن کي وڌائڻ جي حوالي سان ترجيحي واپ??ري معاهدي (پي ٽي اي) لاءِ ڳالهين ۽ پاڪ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي تي نظرثاني جو عمل جلد شروع ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مطابق شاهه محمود قريشي ۽ افغان اعليٰ سطحي مفاهمتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله عبدالله وچ ۾ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ٿي.