مينگوره– 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پا??ستان جا سڀئي وڏا ڌاڙيل گڏ ٿي ويا آهن ۽ اين آر او گهري رهيا آهن، اين آر او نه ملڻ تي هاڻي پا??ستان جي فوج ۽ عدليه تي حملا ڪري نئين گيم شروع ڪري ڇڏي آهي، فوج کي ڀڙڪا??ي رهيا آهن ان ک??ن وڌيڪ ملڪ دشمني ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، نواز شريف گدڙن وانگر ٻاهر ويهي ڳالهيون ڪري رهيو آهي، ان جا پٽ به پئسو چورائي ٻاهر ويٺل آهن، ڌيءَ هتي فوج جي خلاف ڳالها??ي رهي آهي،عورت هجڻ جي ناطي احترام ڪريون ٿا ان لاءِ ڪجهه نه چ??ي رهيا آهيون، شريف ۽ زرداري کي اين ار او ڏئي ملڪ سان سڀ ک??ن وڏو ظلم ڪيو ويو، قانون جي بالادستي قائم ڪري پا??ستان کي رياست مدينه وانگر فلاحي رياست ٺاهيندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخوا ۾ سمورن شهرين کي ص??ت ڪارڊ فراهم ڪرڻ جي منصوبي جي افتتاح جي موقعي تي مينگوره ۾ عوامي مي??اڪ?? کي خطاب ڪندي ڪيو.