اسلام آباد – 26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سمنڊ پار پاڪستانين ۽ افرادي قوت جي ترقي واري خاص معاون سيد ذوالفقار عباس بخاري ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ?? ورڪرز ويلفيئر فنڊ تحت 1500 گهرن جي تعمير جي منصوبي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.