اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سرڪا??ي ملازمن جي پگهارن ۾ مناسب اضافو ڪيو آهي، بجيٽ ۾ وڌيڪ وڌائينداسين، مهانگائي گهٽ ڪرڻ لاءِ پورو زور لڳائينداسين، قيمتون گهٽ ٿيندي نظر اينديون، سينيٽ اليڪشن ۾ ٻوليون لڳي ويون آهن، سينيٽ اليڪشن جي خريد ۽ وڪري جي معاملي تي وڊيو جي جاچ لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي آهي، پي ڊي ايم چوري بچايو موومينٽ آهي، اهي رليف چاهين ٿا پر رليف نه ملندو، تحريڪ لبيڪ سان معاهدي جي مطالبن کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو، سياستدانن اربين روپين جي سرڪاري زم??نن تي قبضا ڪيو آهي، جيڪڏهن حڪومتي پارٽي جي ميمبر سرڪاري زمين تي قبضو ڪيو آهي ته شڪايت ڪريو، ايڪ??ن ورتو ويندو. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته سينيٽ جي اليڪشن ۾ گذر??ل 30 سالن کان ووٽ خريد ۽ وڪرو ٿيندا پيا اچن ۽ پئسو پارٽي قيادت تائين ويندو آهي، ڪنهن ان کي روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي، وڊيو جيڪڏهن اسان وٽ پهرين هجي ها ته جن ٻن ميمبرن کي اسان گذريل سينيٽ اليڪشن ۾ پارٽي مان ڪڍيو هو انهن جي خلاف عدالت ۾ پيش ڪريون ٿا، هن چيو ته اسان کي خبر آهي ته سينيٽ جي اليڪشن ۾ ٻوليون لڳي ويون آهن، بلوچستان جي سينيٽ جي سيٽ جي قيمت 50 کان 70 ڪروڙ روپيا هلي وئي آهي، سينيٽ اليڪشن ۾ ا??م پي اي پنهنجو ضمير وڪڻندا ۽ اهي سينيٽرز جيڪي پئسو ڏئي ضمير خريد ڪندا اهي ڪهڙي پاڪستان جي جمهوريت جي خدمت ڪندا،.