فيصل آباد – 02 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ميان فرخ حبيب چيو ??هي ته ڪورونا وبا جي ٽئين لهر پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو ??هي جڏهن ته حڪومت ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي ۽ فيصل آباد ۾ اڳ کان قائم 6 ڪورونا ويڪسي نيشن سينٽرز جي انگ کي وڌائي 11 ڪيو پيو وڃي ته جيئن گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾ وڌ کان وڌ ماڻهو انهن مان فائدو کڻ?? سگهن. ٻنپهرن جو ڪورونا ويڪسي نيشن سينٽر اسپورٽس ڪمپليڪس سمن آباد فيصل آباد جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ??ه نئين ويڪسينيشن سينٽرز تي ڏه??ڙي 20 هزار ماڻهن جي اضافي ويڪسي نيشن ڪر?? سگهبي جڏهن ته پنجاب حڪومت جي ويڪسي نيشن مهم بهترين هلي رهي آهي ۽ حڪومت جا ڪورونا قدم هر سطح تي ساراهيا ويا آهن. هن چيو ??ه ڪورونا جي وبا اچڻ تي اسان وٽ رڳو 400 ڏه??ڙي ٽيسٽ ڪرڻ جي صلاحيت هئي پر هاڻي ڏه??ڙي هزارين ٽيسٽ ڪيا پيا وڃن.