اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري پاڪستان ۾ قائم فلسط??ني سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ پاڪستان ۾ فلسطين جي سفير احمد جواد اي رابي سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ فلسطين جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊپٽي اسپيڪر فلسط??ني ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته فلسطين جي موجوده صورتحال تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ۾ گهري ڳڻتي آهي. هن غزه ۾ اسرائيل طرفان مسلسل فضائي حملن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته اسرائيلي حملن جي ڪري معصوم فلس??ين?? جون شهادتون واقع ٿيون آهن جنهن تي پاڪستاني عوام انتهائي ڏکوي?? آهي ۽ ان مشڪل وقت ۾ هو پنهنجي فلسط??ني ڀائرن سان گڏ بيٺ?? آهن ۽ مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان مسجد الاقصيٰ جيڪا مسلمان جو قبله او?? آهي، جي تقدس جي پائمال ڪرڻ ۽ معصوم عبادت گزارن تي ڪيل حملن جي سخت مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته اسرائيل ظلمن جي خلاف عالمي سطح تي آواز بلند ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن ۾ پنهنجي سمورن هم منصوبن کي خط جاري ڪيا آهن، ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪستاني جي بانين اسرائيل جي قيام کي غير قانوني ۽ غير آئ??ني قرار ڏنو ۽ ان کي تسليم ڪرڻ کان ا??ڪار ڪيو، هن چيو ته موجوده حڪومت پاڪستان جي بانين جي موقف جي مڪمل حمايت ڪري ٿي، ۽ ان ن تي عمل پيرا آهي.