اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪي م??اشي صورتحال خا?? طور تي قبائلي ضلعن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ آبادگارن کي درپيش مسئلن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ڪنهن به صورت ۾ آبادگارن جو استحصال برداشت نه ٿو ڪري سگهجي، انهن جي مفادن جي لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا. هن هدايت ڪئي ته تمباڪو جي آبادگارن کان تمباڪو جي خريداري ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي ڇو ته فصلن جي وقت سر خريداري نه ٿيڻ جي ڪري آبادگارن جي م??ڪلاتن ۾ اضافو ٿئي ٿو. اسپيڪر حڪومت جي قبائلي عوام ۽ غريبن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي قدمن کي ساراهيو. ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو ته اڳ??ڻي فاٽا جي سمورن ضلعن جي ترقي ۽ اتان جي عوام جون محروميون ختم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، قبائلي ضلعن ۾ معاشي سرگرميون شروع ٿيڻ سان روز??ار ملندو. هن چيو ته ڪامياب جوان پروگرام سان قبائلي نوجوانن کي روز??ار ڏينداسين. ناڻي واري وزير چيو ته اڳ??ڻي فاٽا جو ترقياتي پئڪيج چونڊيل قبائلي قيادت ۽ عوام جي م??اورت سان ??ڳت?? وڌايو ويندو، ڪامياب جوان پروگرام ذريعي قبائلي ضلعن جي نوجوانن کي قرض ڏينداسين ته جيئن اهي پنهنجو روز??ار شروع ڪري سگهن ۽ معاشي لحاظ کان پنهنجي پيرن تي بيهي سگهن. اسپيڪر چيو ته نئين ضلعن ۾ صحت انصاف ڪارڊ جاري ڪرڻ قبائلي عوام جي لاءِ حڪومت جو تمام وڏو تحفو آهي.