اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان هر فورم تي ??شميرين جي سچي وڪيل ۽ دلير سفير جو حق ادا ڪيو، مودي جا 5 آگسٽ 2019ع جا قدم مذمت جوڳا آهن جنهن ۾ ڪشمير جي حيثيت جو خاتمو ڪري لاڪ ڊائون لڳائي 80 لک ڪشميرين کي والاريل وادي ۾ بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان کانپوءِ ڪورونا وائرس جي وبا جي دوران به وڌيڪ سختيون ڪيون ويون، ڪشميرين کي ظلمن جو نشانو بڻائي انساني حقن جون خلاف ورزيون ڪيون ويون. اهي س??ورا قدم مذمت جوڳا آهن جنهن کي پاڪستان پوري دنيا ۾ بي نقاب ڪيو. استحصال ڪشمير ڏهاڙي ج?? موقعي تي پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان هر پليٽ فارم تي ??شمير مسئلي کي اجاگر ڪيو ۽ ڪشمير ۾ مودي جا ظلم ۽ ستم دنيا جي سامهون رکيا. چاهي اهو گڏيل قومن جو فورم هجي يا او آءِ سي هجي يا چاهي اها ان وقت جي آمريڪي صدر ٽرمپ سان ملاقات هجي، وزيراعظم عمران خان هر سطح تي ??شميرين جي سچي وڪيل ۽ دلير سفير هجڻ جو حق ادا ڪيو. ڀارت جي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين جي آزادي ج?? ??اء?? پرامن جدوجهد آهي، حريت اڳواڻن جون بي پناهه قربانيون آهن، برهان واني ج??ڙن ڪشمير جي شهيدن ڪشمير جي آزادي ??اء?? پنهنجي جانين جون قربانيون ڏنيون ۽ حريت اڳواڻن تڪليفون برداشت ڪيون آهن، هن چيو ته هزارين ڪشميرين پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن، ڪشميرين جي پرامن حمايت جاري رکنداسين ۽ اسان جو اهو دنيا کان مطالبو آهي ته هو مودي ج?? آر ايس ايس جي انتهاپسنداڻي س??چ جي کلي مذمت ڪري ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي ج?? حل ??اء?? پنهنجو ڪردار ادا ڪري. پاڪستان به هر سطح تي ??شميرين جي ??اء?? آواز بلند ڪندو رهندو، جيستائين ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن کي واپس نٿو وٺي تيستائين مودي سرڪار سان ڪنهن به قسم جي ڪا به ڳالهه ٻولهه نٿي ٿي سگهي.