اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي ??هاولپور پهچي ويو آهي. وزيراعظم بهاولپور ۾ ڏکڻ پنجاب جي قيادت سان ملاقات ڪندو. ان کانسواءِ وزيراعظم کي فعال ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جي ڪارڪردگي ۽ بهاولپور ڊويزن ۾ ترقي??تي منصوبن تي ??فصيلي بريفنگ ڏني ويندي. بعد ۾ وزيراعظم حڪومت جي زراعت تي ??صوصي ڌيان جي ويزن جي تحت ٿيندڙ آبادگار ڪنوينشن ۾ خاص مهمان جي حيثيت ۾ شرڪت ڪندو. جتي نه رڳو ڏکڻ پنجاب ۾ پيداوار جي اضافي پر آبادگارن جي مدد جي منصوبن جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم تقريب کي خطاب به ڪندو. وزيراعظم ملڪ ۾ وڏي پئماني تي ??اري سانوڻي جي مند جي وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ لال سوهانره ن??شنل پارڪ ۾ ٻوٽو ??ڳائيندو ۽ ??تي ٻيلن جي تحفظ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو جائزو به وٺندو .