اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته واپاري برادري کي مختلف مراعتون ۽ سهولتون فراهم ڪري ملڪ جي ڪ??رو??اري ماحول کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ملڪ جي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي جيڪا حڪومت جي معاشي پاليسين تي ڪ??رو??اري برادري جي اعتماد جي عڪاس آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هري پور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايڇ سي سي آءِ) جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن چيمبر جي صدر شهباز مجيد شيخ جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي شهباز مجيد شيخ صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي چيمبر پاران ملڪ جي معاشي ترقي ۾ هري پور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. وفد صدر کي ايڇ سي سي آءِ کي درپيش ڪجهه مسئلن کان پڻ آگاهه ڪيو. وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته ڪ??رو??اري برادري ملڪ جي معاشي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ خاص طور تي ڪوويڊ 19 جي دوران انهن جي سهولت لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. هن و??يڪ چيو ته حڪومت سخت مالي مشڪلاتن جي باوجود و??پاري برادري ۽ معاشري جي پيڙهيل طبقن کي وبا جي منفي اثرن کان بچائڻ جي لاءِ 1.2 ٽريلين رپين جو مالياتي پئڪيج فراهم ڪيو آهي. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ملڪي روانگي واپار ۾ پڻ نمايان اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي جيڪو گذريل مالي سال دوران 25.3 بلين ڊالر تائين پهچي ويو هو. هن ملڪ جي معاشي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ايف بي آر پاران 850 ارب رپين جي اوڳاڙين جي هدف کان 160 ارب جي وڌيڪ وصولي بهتر ملڪي معيشت جو ثبوت آهي. هن چيو ته حڪومت وڌ کان و?? ڪ??رو??اري ماحول کي سازگار بڻائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ان جي ڪوششن جي ڪري ڪ??رو??ار ۾ آساني جي انڊيڪس ۾ پاڪستان جو درجو 136 هين مان 108 هين نمبر تي اچي ويو آهي. صدر قومي ترقي ۾ هري پور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ ڪ??رو??اري برادري جي ڪردار کي پڻ ساراهيو ۽ ان جي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.