اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه مح??ود قريشي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي سيلووينيا جي پرڏيهي وزير اينزي لوگار سان ملاقات ڪئي، پرڏيهي وزيرن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي ذريعي گڏيل رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ اف??ان??تان جي موجوده صورتحال تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي. شاهه مح??ود قريشي چيو ته سيلو وينيا يورپي يونين جو اهم ملڪ آهي، پاڪستان سيلو وينيا سان ٻطرفي لاڳاپ?? کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پرڏيهي وزير يورپي يونين جي صدارت جو منصب سنڀالڻ تي سيلو وينيا جي پرڏيهي وزير کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم اف??ان??تان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته اف??ان??تان ۾ ٺهندڙ نئين حڪومت اجتماعيت جي حامل هوندي، پاڪستان گڏيل ذميداري تحت اف??ان??تان ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، اف??ان??تان ۾ امن جي قيام جو فائدو سڄي خطي کي هڪجهڙو ٿيندو. شاهه مح??ود قريشي چيو ته حالتون بگاڙ ??و شڪار ٿيون ته سڀ متاثر ٿيندا، پاڪستان اف??ان??تان ۾ اجتماعيت جي حامل سياسي حل جو حامي آهي، هن چيو ته اف??ان??تان ۾ امڪاني انساني ۽ اقتصادي بحرا?? کي نظر ۾ رکندي عالمي برادري کي افغانين جي مدد لاءِ موثر قدم کڻڻا پوندا. پرڏيهي وزير پنهنجي هم منصب کي ٻين يورپي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ٿيل رابطن کان آگاهه ڪيو، پرڏيهي وزير شاهه مح??ود قريشي اف??ان??تان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ ايس سي او سمٽ جي موقعي تي ايس سي او ۽ سي ايس ڊي او جي وفدن جي سربراهن سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کان سيلو وينيا جي پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان 37 ملڪن جي رهواسين ۽ عالمي ادارن سان تعلق رکندڙ 14 هزار کان وڌيڪ ماڻه?? کي ڪابل مان ڪڍڻ ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪئي، پرڏيهي وزير لوگار عالمي انخلا جي ڪوشش?? کي آسان بڻائڻ ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار جي واکاڻ ڪئي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ سيلو وينيا جي وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي ذريعي گڏيل رابطن ۽ علائقائي مسئلن تي مشاورت جو سلسلو جاري رکڻ ۽ ٻطرفي تعاو?? کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.