اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان برطانيه سان پنهجي لاڳاپن کي اعليٰ ترجيح ڏئي ٿو. گڏيل فائدي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا. هن اها ڳالهه ايوان صدر ۾ لارڊ واجد سان ملاقات دورا?? ڪئي. صدر ان کي پاڪستان جي سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي جي ب??ري ۾ آگاهه ڪيو جنهن جي ڪري ڪووڊ – 19 وبائي مرض کي ڪاميابي سان قابو ڪيو ويو، هن گذريل 20 سالن دوران دهشتگردي خل??ف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪاميابي تي به روشني وڌي. افغانستان جي صورتحال جي ب??ري ۾ خيالن جي مٽاسٽا ڪندي صدر چيو ته پاڪستان افغانستان کي انساني امداد فراهم ڪئي آهي، ۽ 12 هزار کان وڌيڪ افغان ۽ غير ملڪي شهرين جي نڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان گذريل چئن ڏهاڪن کان تقريبن 40 لک افغانين جي ميزباني ڪري رهيو آهي ان کانسواءِ هو افغانستان جي نئين سر تعمير ۽ ترقي ۾ به پنهنجو حصو وجهي رهيو آهي، صدر عارف علوي لارڊ واجد کي هائوس آف لارڊ تائين ترقي ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اها ڪاميابي ب??طانيه جي عوام ۽ قيادت پاران ان جي ويزن جي احترام جي عڪاسي ڪري ٿي. صدر ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خل??ف ورزين جي ب??ري ۾ خدشن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ لارڊ واجد جي ڪوششن کي ساراهيو. هن عالمي ب??ادري تي زور ڏنو ته هو ڀارتي قابض فوج پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي بي گناهه ماڻهن جي خل??ف جاري دهشتگرداڻي ڏاڍ جو نوٽيس وٺي ۽ ڀارت کي ان جي ڪڌي عمل جو جوابده بڻائي، لارڊ واجد خان پاڪستان کي ڪووڊ 19 جي وبا کي ڪامياب طريقي سان منهن ڏيڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان سلسلي ۾ پاڪستان جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي جي واکاڻ ڪئي.