اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لا??ِ وسيع قدرتي وسيلن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، ڪارپوريٽ فارمنگ کي فروغ ڏيڻ لا??ِ موثر قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو ??ظه??ر هن خيبرپختونخوا جي لا??ِ جامع زراعت ۽ ترقياتي منصوبن خاص طور تي چشمه رائٽ بئنڪ ڪينال (سي آر بي سي) بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ توانائي واري وفاقي وزير حماد ??ظه??، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خيبرپختونخوا جي صوبائي وزيرن تيمور سليم جهڳڙا، محب الله، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي چيئرم??ن خرم آغاز، ايف بي آر جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد اشفاق احمد ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته چشمه رائيٽ بئنڪ ڪينال (سي آر بي سي) جي لفٽ ڪم گريويٽي پروجيڪٽ جي تعمير ڏکڻ خيبرپختونخوا ۾ هڪ وسيع علائقي جي سماجي ۽ معاشي ترقي لا??ِ هڪ حقيقي گيم چينجر ثابت ٿيندي. تڪميل کانپوءِ اهو منصوبو خيبرپختونخوا ۾ تقريبن 3 لک ايڪڙ بنجر زمين کي آباد ڪندي، اهو نه رڳو خطي ۾ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائيندي پر وچ اوڀر ۾ زرعي پيداوار جي برآمد وڌائي ملڪ لا??ِ پرڏيهي ناڻو حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻجندو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو علائقي ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ کي فروغ ڏيڻ جي لا??ِ موثر قدم کڻڻ، ان سان نه رڳو علائقي جي آبادگارن جي آمدني ۾ اضافو ٿيندو پر غربت ۽ بک جي خاتمي، مقامي آبادي جي لا??ِ بهترين تعليم، صحت جي بنيادي سهولتن ۽ ٻين شهري سهولتن کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن وڌيڪ چيو ته اسان ک?? پنهنجي ماڻهن کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لا??ِ موجود وسيع قدرتي وسيلن جي مڪمل صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، اجلاس ۾ چشمه رائيٽ بئنڪ لفٽ ڪينال (سي آر بي سي) جي ميگاڊولپمينٽ پروجيڪٽ جي تعمير لا??ِ متبادل مالياتي ماڊلز تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.